سيٺ طيب علي علوي

سيٺ طيب علي علوي

سيٺ طيب علي علوي

سيٺ طيب علي علوي: مشهور سماج سڌارڪ سيٺ طيب علي علوي ولد سيٺ علي ڀائي 1875ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سيٺ طيب علي ’جواهر‘ قبيلي مان هو، سندس والد 1866ع ۾ مانڊوي (ڪڇ) مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ سڪونت پذير ٿيو، جنهن ڪراچيءَ ۾ واپار ڪري چڱو پئسو ۽ ملڪيت گڏ ڪئي ۽ پنهنجو اثر رسوخ وڌايو. سيٺ طيب علي ’سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي‘ ۾ ڇهه درجا پڙهي واپار ۽ ڪاروبار ۾ لڳي ويو ۽ واپار مان جھجھو پئسو ڪمايائين. سيٺ طيب علي نهايت يار ويس، محنتي ۽ اڻٿڪ قومي ڪارڪن هو. هن ڪيترن سماجي ادارن ۾ ڪم ڪيو ۽ فلاحي ڪمن ۾ دل کولي پئسو خرچ ڪيائين. سندس والد 1896ع ۾ ’مدرسه حسيني‘ قائم ڪيو هو. سيٺ طيب علي ان مدرسي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي. هن پهرين ان کي پرائمري اسڪول طور منظور ڪرايو، بعد ۾ 1921ع ۾ ان کي ’ڪراچي اڪيڊميءَ‘ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ 1926ع ۾ ان کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. هن اداري قائم ٿيڻ سان سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪافي حد تائين تعليمي شعور پيدا ٿيو. سيٺ طيب قومي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو رهيو. هن ڪيترين ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. سياست سان به سندس لڳاءُ رهيو. هن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر رهي 1922ع کان 1925ع تائين شهر واسين جي خدمت ڪندو رهيو. 1930ع ۾ ڪراچي ميونسپل اسڪول بورڊ جو پهريان ميمبر ۽ پوءِ چيئرمئن رهي، تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪيائين. ان سلسلي ۾ زوري تعليم رائج ڪرائي ڪراچيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ اسڪولن لاءِ عمارتون ٺهرايائين. سيٺ طيب علي علوي، جي. ايم سيد جي ڪوششن سان 1928ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو، جتي 1933ع تائين مڪمل جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪندو رهيو. سندس ٻيو خاص ڪارنامو اهو هو ته هن 1932ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مسلم هائوسنگ سوسائٽي قائم ڪري سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجا گهر ٺهرائڻ جو موقعو ڏنو ۽ ان لاءِ بئنڪن کان قرض پڻ وٺرائي ڏنائين، جنهنڪري سنڌ جي ڪيترن زميندارن ڪراچيءَ ۾ پلاٽ وٺي گهر ٺهرايا.
سيٺ طيب علي 1927ع ۾ ’ڪراچي مرڪنٽائل ڪوآپريٽو بئنڪ‘ قائم ڪئي. کيس لکڻ ۽ پڙهڻ سان چاهه رهيو، هن گجراتي ٻوليءَ ۾ ڪجھه ڪتاب لکيا آهن، جن مان ’اخوان الصفا‘ قابل ذڪر آهي. هن مختلف ملڪن جو دورو پڻ ڪيو.
سنڌ جي هن سماج سڌارڪ ڪجھه وقت بيمار رهڻ بعد 13 مارچ 1964ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيٺ طيب علي علويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.03.13  عيسوي

مشهور سماج سڌارڪ سيٺ طيب علي علوي ولد سيٺ علي ڀائي 1875ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي هن سماج سڌارڪ ڪجھه وقت بيمار رهڻ بعد 13 مارچ 1964ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا محمد يعقوب
اياز سمون
ڀاڳيا سنتوش گاگو مل
ضمير گهمرو بئريسٽر
وشنوڀاٽيا
تارا چند
هيرانند ٽيڪچند ساڌواڻي
تارڙ رفيق احمد
عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
ڊنشا هوشنگ نادر شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون